اس??ام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان ت??لق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميم??رن ۽ پارٽي ميم??رن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ ج?? عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.