اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قو??ي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قو??ي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قو??ي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پ??هنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قو??ي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.