اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مب??رڪ??اد ڏني آهي. و??ير??عظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مب??رڪ??اد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين د??ر ۾ داخل ٿي چڪا آهن. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. و??ير??عظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مب??رڪ??اد پڻ ڏني. و??ير??عظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.