اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور ج?? بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا ??ان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا ??اپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا ??ان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ گردي ۽ جگر ج?? پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير طور اهو منص??بو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو.