انقره – 02 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري ??زي?? ڊاڪٽر مهمت موش ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ??زي??اعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، ??زي??اعظم شهباز شريف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان ??زي??اعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئ??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. ??زي??اعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران ??زي??اعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، ??زي??اعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. ??زي??اعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي ب?? حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، ??زي??اعظم سان ترڪ پرڏيهي ??زي??، صحت واري ??زي?? ۽ واپار واري ??زي?? سان ملاقاتون به ڪيون.