اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پاڪستان?? ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ??با??ڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو مستقبل ۾ نمايان ڪارڪردگي جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان م??ابق صدر چيو آهي ته نوح دستگير بٽ گولڊ ميڊل کٽي قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به نمايان ڪارڪردگي جاري رکندو. ان چيو ته راند جي ميدان ۾ پاڪستاني نوجوانن جي وڌيڪ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي.