ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيندا، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، اين ايف سي ??يوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا گهٽ هوندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره غازي خا?? جي ٻوڏ ??تاثر علائق?? جي دوري دوران ڪوٽ چٺا ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون عطا تارڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 2019ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڀارت ۾ مودي سرڪار هڪطرفا غيرقانوني قدم کڻندي والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ ظلم ۽ زيادتي جو بازار گم ڪيو ۽ ڪشميرين کي جيڪي ٿورا گهڻا آئيني ??ق حاصل هئا انهن کي به پائمال ڪري ڇڏيو، ڀارت 70 سالن کان ڪشميري?? جي انساني ??قن جو?? جيڪي خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ معصوم ۽ بيگناهن جو رت وهائي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو، اڄ نه رڳ پوري پاڪستاني قوم پر سڄي اسلامي دنيا ڪشمير جي انهن عظيم فرزندن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي جن ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف علم بند ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ ڪشميرين کي ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ انهن کي آزادي جو سج ڏسڻ نصيب ٿئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستا?? جي 22 ڪروڙ عوام ڪشميري?? جي آزادي جي لاءِ هر قسم جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي ۽ هڪ ڏينهن ڪشميري?? جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو. وزيراعظم ٻوڏ سبب قيمتي جاني?? جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آئون مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين کي خاطري ڪرايان ٿو ته حڪومت متاثرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 11 – 2010ع ۾ جڏهن هن علائقي ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ ميانوالي چاچڙان شريف تائين هي سڄو علائقو سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيو هو ته آئون نواز شريف جي قيادت ۾ ڏينهن رات هتي مصروف رهيس. ڊيره غازي خان، ميانوالي، بکر، رحيم يار خان ۽ راجن پور سميت سڄي علائقي ۾ اسا?? جي وزيرن ۽ سيڪريٽريز ڀرپور ڪم ڪيو، تندور لڳايا ۽ عوام جي لاءِ تنبو، ميڊيڪل ڪئمپس، دوائن ۽ چوپائي مال جي لاءِ چاري جو انتظار ڪيو. وزيراعظم چيو ته انساني ??ا?? جي ڪا قيمت نه آهي ۽ ا?? جي نقصان جو ازالو ممڪن نه آهي، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙ?? جي پونئيرن کي 10 لک في فرد ڏيندي جڏهن ته زخمي?? جي لاءِ اڍائي لک ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪچي ۽ پڪي جي فرق کانسواءِ مڪمل تباهه ٿيندڙ گهر جو 5 لک رپيا جڏهن ته جزوي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته فصل?? جي نقصان?? جي سروي صوبن سان گڏجي ڪئي ويندي. هن چيو ته اين ايف سي ??يوارڊ تحت 58 سيڪڙو وسيلا صوبن وٽ وڃن ٿا، وفاق وٽ 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا گهٽ هوندا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ اربين رپي?? جي وفاق جي منصوبن ۾ بطور وڏي وزير صوبائي حڪومت جي فنڊز سان مڪمل ڪرايا هئا، پنجاب حڪومت سان گڏجي ٻوڏ ??تاثري?? جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ ان گڏيل چئلينج کي گڏجي منهن ڏينداسين، آخري گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته حقدارن کي انه?? جي گهر?? جي درن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هي سياست جو نه خدمت جو وقت آهي، متاثرين کي فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي، ڀاڻ ۽ ٻج فراهم ڪيا ويندا ۽ گهر ٻيهر تعمير ڪيا ويندا.