اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پ?? پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هين آس??ان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آس??ان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آس??ان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل م??ادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آس??ان جي ميمبر ملڪن کي آس??ان جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستان جو آس??ان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آس??ان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آس??ان جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي مو??ب پاڪستان آس??ان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آس??ان سان پاڪستان جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.