اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ??رڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تف??يل?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ??رڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ??رڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ??رڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ??رڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ??رڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيرا??ظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.