اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهيو آهي، عمران خان جي ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل پاليسين ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جا عمران خان بابت خيال ٻڌي حيران رهجي ويس، هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بنا سبب جي نقصان پهچايو، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس. برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته عمران خان پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي لاءِ ڪرپشن جي خاتمي کي پنهنجو منشور ??ڻائي پيش ڪيو پر هو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ناتجربيڪار، خود پسند، انا پرست ۽ ڪمزور ??ياستدان ثابت ٿيو. هن ??يو ته ليڪ ٿيندڙ آڊيوز مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائينڊڙ شخص آهي ۽ اها ڳالهه آئون خوشي سان نه چئي رهيو آهيان پر اهو اسان جي لاءِ شرمندگي ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇو ته عمران خان جي ذاتي ايجنڊا ۽ مقصدن جي لاءِ ڳالهائي ويندڙ ڪوڙن سان اسان جي ملڪ جي تشخص کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ??يو ته عمران خان کي پنهنجي سمورن سوچيل سمجهيل ڏوهاري قدمن جي لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو. وزيراعظم ??يو ته هو ان کان اڳ ڪڏهن ملڪ جي مستقبل جي حو??لي سان پريشان نه هو، عمران خان معاشري ۾ ايتري نفرت ۽ زهر ڀري ڇڏيو آهي جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن به نه هو، هو حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻين ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جي حو??لي سان پنهنجي ڪوششن جو ذڪر ڪندي ??يو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ان وقت حيران رهجي ويو جڏهن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ان سان ملاقات دوران عمران خان جي رويي جو ذڪر ڪيو، ڪجهه اڳواڻن مون کي عمران خان جي شخصيت جي حو??لي سان ذاتي طور ??ي آگاهه ڪيو ته هو (عمران خان) اڻوڻندڙ رويو رکندڙ، ڪوڙو ۽ خودپسند هو. شهباز شريف ??يو ته عمران خان آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بنا ڪنهن سبب نقصان پهچايو. هن واضح ڪيو ته هو پاڪستان جي چين سان ويجهي لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بڻائيندو جن کي عمران خان پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي مبينا طور ??ي روڪڻ جي ڪري نقصان پهتو. وزيراعظم ان منصوبي کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ??يو ته هو نومبر ۾ چين، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ آزمايل دوست آهي، جو دورو ڪندو. هن ??يو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي بهتري لاءِ هڪ سٺو منصوبو آهي. وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان حڪومتي معاملن ۾ مشاورت جي حو??لي سان هڪ سوال جي جواب ۾ ??يو ته نواز شريف ان جو ليڊر ۽ وڏو ڀاءُ آهي ۽ هو ان سان مشورو ڪندو آهي پر هن مون کي فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل اختيار ڏنو آهي. خانداني سياست جي حو??لي سان عمران خان جي تنقيد رد ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته هي خانداني سياست جو معاملو نه آهي پر اها اهليت، عوامي حمايت ۽ عوام جو اعتماد کٽڻ جي ڳالهه آهي.