اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار ??ئڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظ?? جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي واري وزارت جي مشاورت سان آبادگار ??ئڪيج تيار ڪيو ويو. آبادگارن جي لا??ِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي پروگرا?? جي شروعات، بجلي جي بلن ۾ قسطون به پئڪيج جو حصو آهن.