اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري ره??دي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل ره??دو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حما??ت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو ره??دو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حما??ت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي ره??ا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر چيو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين ت?? ناجائز قبضو ان تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي ??هي. صدر چيو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري ره??دي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حما??ت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حما??ت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حما??ت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حما??ت ڪندو ره??دو.