شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو عزم رکي ٿو، سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ڳالهائيندي ڪيو، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ – 27 سمٽ“ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گ??يل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ڀائراڻن رابطن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جن جون پاڙون گ??يل عقيدي، ثقافت ۽ قدرن ۽ گ??يل حمايت جي لازوال روايت تي ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جو تمام گهڻو احترام ۽ سعودي عرب جي عوام سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ 20 لک پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب جي مهمان نوازي ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر مل??ن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي اڳڀرائي ۾ پنهن??و ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. رياض ۾ پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي منتظر وزيراعظم چيو ته کيس اعتماد آهي ته هي دورو گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن خاص طور تي ٻنهي ڀائر مل??ن جي عوام جي گ??يل مفاد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي مالي مدد تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان ”ڪوپ – 27“ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ تحت ٺوس ماحولياتي قدمن جي فعاليت تي ولي عهد جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ سعودي قيادت کي پاڪستان پاران مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو.