اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري سان وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪست??ن پيپلزپارٽي ج?? اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خات??ي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ??ن پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.