اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??عودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان ??ي ٻوڏ متاثرين ??ي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ام??اد جي اعلان ??ي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين ??ي بحالي لاءِ سعودي عرب جي ام??اد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان ??سلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان ??لمرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان ??ي ٻوڏ متاثرين ??ي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ام??اد جي اعلان ??ي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??و ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ??ا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.