اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير?? سڀاڻي ڀارت ??ي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي وطن تي ڀارت ??ي قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني ۽ ڀارت ??ي غير قانوني طور قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت ??الم بٽ دهليءَ جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغام ۾ ڀارت ??ي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير??ن کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، ان کي پاڻ کي وڏو جمهوري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳ??اڻ نعيم احمد خان ڪش??ير?? عوام تي زور ڀريو ته هو ڀارت ??ي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي پيغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀارت ??ي غير قانوني ۽ زبردستي قبضي جي مذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيصلو آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي پنهنجي وعدن باوجود ڪش??ير?? عوام جي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀارت ??ي ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏانهن ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پڻ ڪل جماع??ي ڪانفرنس جي هڙتال جي سڏ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ان جي مادرِ وطن تي ڀارت ??ي غير قانوني ۽ زبردستي قبضو انهن لاءِ ناقابل قبول آهي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ ملوث آهي ۽ ان لکين ڪش??ير??ن کي بندوق جي زور تي يرغمال بنائي رکيو آهي، ان کي يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.