اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ ل??ڊش??ڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحمان، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خان، ??يا?? احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خان، اسفند يار خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحمان، سلامت خان، جاويد وزير، طارق نصير، محمد اعظم خان، ظفر حيات، مولانا عبدالرحمان، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ ل??ڊش??ڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظ?? چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي ب??يا??ن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظ?? چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي ملندڙ امداد تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.