اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته يوم ??ڪجهتي ڪشمير جو ڏهاڙو اڄ پوري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز ش??يف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز ش??يف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز ش??يف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز ش??يف جي هدايت تي يوم ??ڪجهتي ڪشم??ر سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم اورنگزيب چيو ته يوم ??ڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم ??ڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.