اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪيه ۾ شديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان ۾ چيو ويو ته ??زيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاو?? جي آڇ ڪئي آهي. بيان مو??ب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ان سان ج??ني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان مو??ب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري رهي آهي جن ۾ سرديءَ جي مو??م ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪ??بل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انه?? جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان مو??ب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳاپيل ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان متاثر علائق?? جي لاءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ??اڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪيه جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته ??اڪستان فوري امدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪم جاري رکندو.