اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي ??ي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي ??ان قيمتي جانين ج?? زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي ??عزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان ج?? پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن ج?? دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳ??له?? ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ??ي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳ??له?? ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ج?? لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن ج?? مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين ج?? نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.