ڪراچي – 27 – فيب??ور?? (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوان?? جي شهادت تي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ب??ان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي جوانن سپاهي عمران الله شهيد، سپاهي افضل خان شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد?? جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي، هاڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.