اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪندي ان ??و دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان ??وام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان م??جب وزيراعظم محمد شه??از شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي، وفاقي وزيرن خواجه آصف، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. و??يراعظم شه??از شريف سولرائيزيشن م??صوبي جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪندي اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئ??. و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن ک?? منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي واضح هدايت ڪندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته باقي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان ??وام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.