ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئر??ين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ زلزلي جي ڪري ان??اني زندگين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي جا وزير ۽ عهديدار زلزلي سان ٿيندڙ نقصان بابت حڪومت کي آگاهه ڪن، حڪومت زلزلي متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري زلزلي ۾ زخ??ين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.