اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين علائقائي امن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي مٽاسٽا، عوامي رابطن ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. اه?? ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل عوامي جمهوريه چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وز??ر چن گيانگ جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر، چين جي نائب پرڏيهي وز??ر سن ويڊونگ ۽ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي پرڏيهي وز??ر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪ چين لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام تفهيم ۽ خيرسگالي تي ٻڌل آهن ۽ ٻئي م??ڪ بنيادي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جو گڏيل تعاون علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائي جي روشني ۾ وڌيڪ اه??يت اختيار ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ گوادر بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اه?? علائقائي واپار ۽ رابطن کي وڌائڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪارڪنن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي دره خنجراب جي ٻيهر کلڻ سان سنڪيانگ ۽ گوادر جي وچ ۾ شين جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. صدر اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چيني سيڙپڪارن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ خاص طور تي پاڪستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 سمٽ جي تقريبن جي مجوزه انعقاد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي زميني حقيقتن ۽ ڪشمير ۾ ان جي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڀارتي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان چين جي سمورن بنيادي معاملن بشمول ون چائنا پاليسي، تائيوان، ت??ت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. هن پاڪستان ۾ گذريل سال جي ٻوڏ ۽ ڪورونا دوران چين پاران فراهم ڪيل تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وز??ر چن گيانگ چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي سدا بهار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ”جبل وانگر مضبوط“ آهي. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ چين کي اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تزويراتي اه??يت جي منصوبن تي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو. چيني پرڏيهي وز??ر چيو ته چين پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ پاڪستان جي مدد ڪرڻ چين جي ترجيح آهي. هن چيو ته چين پاڪستاني شاگردن کي چيني تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. هن صدر جا ڪورونا دوران چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مارچ 2020ع ۾ چين جو دورو ڪرڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.