اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جو آئين اسان جي آزادين جو ضامن آهي، معاشري ۾ بدامني ۽ فاشزم درست عمل نا??ي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي طرح اسان جو آئين اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي آزادين لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ??ي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي وري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چ??و ته هي فخر جوڳي ڳالهه آهي ته اسان آئين پاڪستان جي ان اهم تقريب ۾ هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هن ڪنوينشن ۾ شريڪ سمورن ملڪن کي هڪجهڙن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، اسان کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندي انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رستي تي هلي رهيو آهي، آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪٽي، بينظير ڀٽو انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻي. هن چ??و ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي ڪراچي کان خصوصي شرڪت تي شڪر گذار آهيان، راجا پرويز اشرف چ??و ته هي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اوهان آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي ڪيتري اهميت ڏيو ٿا، هن آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت ??ي مضبوطي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿيا، ان جمهوريت ??ي مضبوطي لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪٽي، محترمه بينظير ڀٽو آخري دم تائين جمهوريت لاءِ جاکوڙيندي رهي. هن چ??و ته اسان سياسي انتقام نه پر جمهوريت بهترين انتقام جي نعري سان اڳتي وڌيا سين، هن تقريب دوران ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ هڪ بنياد آهي، حقن جو مضبوط قلعو آهي، فاشز اسان ??ي معاشري ۾ گهڙي چڪو آهي ان جو خاتمو اهڙي آئين تي عملدرآمد ۾ ئي ممڪن آهي، پاڪستان جو آئين پاڪستاني عوام لاءِ مشعل راهه آهي. اسپيڪر چ??و ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، مع??شي آزادي، انصاف ۽ ماحولياتي انصاف لازمي مسئلا آهن، بي شمار مشڪل??تو?? آهن جن کي پار ڪرڻو آهي ان لاءِ اسان کي ان طرف سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي، هن سمورن اهم مسئلن طرف اسان ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ خاص ڌيان ڏنو. هن چ??و ته جمهوريت ڳالهين جو نا??و آهي، مختلف خيال رکندڙن جو گڏجي ويهڻ جو نا??و آهي، موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن مهمانن کي ڪجهه مشڪل??تو?? آيون ته ان تي اوهان سڀني کان معذرت خواه ۽ اوهان جا شڪر گذار آهيون.