واشنگٽن- 22 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا شنگهائي ۾ باضابطه طور تي ??ئون ميگا فيڪٽري پراجيڪٽ لانچ ڪيو آهي، اهو پراجيڪٽ هڪ سال ۾ 10 هزار ميگا پيڪ تيار ڪندو. چيني خابرو اداري شنهوا مطابق گذريل ڏينهن صبح شنگهائي ۾ ان منصوبي لاءِ ايراضي حاصل ڪرڻ لاءِ دستخطي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ڪمپني سنگ ميل ??ي منصوبي جو باضابطه افت??اح ڪيو. فيڪٽري شروعاتي طور هر سال 10 هزار ميگا پيڪ يونٽ تيار ڪندي، جيڪي اٽڪل 40 جي ڊبليو ايچ توانائي جي ذخيري برابر آهي، اهي مصنوعات سڄي ??نيا ۾ وڪرو ڪيون وينديون.