اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف شعبن ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ جدت ۽ علم کي جاري رکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي پوري انسانيت جي فائدي لاءِ جديد ترين ??ڳڀرائين، تجربن ۽ ڪاميابين ??ي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته علم جي دستيابي کي رڳو”ڪاپي رائيٽس“ تائين محدود نه رکڻ گهرجي ڇو ته وڌ کان وڌ پهچ سان انسانيت کي موجوده معاشي، سماجي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي فار سسٽين ??يبل ڊيولپمينٽ بابت ڪميشن (ڪامسيٽس) جي 29 هين ??الگرهه جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ترجيحن جي نئين ??ر تعين ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته قومن جي وچ ۾ علم جي بنا رڪاوٽ ۽ وسيع تر ڏي وٺ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ناانصافين ??و ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته ??ني?? ۾ تبديل ”اخلاقيات يا انسانيت تي ٻڌل نظام“ جي موجودگي ۾ ٿي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??ني?? جي ضرورتن جي ابتڙ مروجه رجحان انتهائي اميرن جي طرف آهي، امير، امير تر ٿيندا پيا وڃن جڏهن ته ??ني?? جو غريب طبقو بدحالي ۽ محرومين ۾ ڦاٿل آهي. هن زور ڏئي چيو ته ??ني?? ۾ دولت جي منصفاڻي ورڇ سان انسانيت جي ڏکن جو ازالو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ني?? استحصالي رويو بدلائڻ ۽ استحصال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن آڪسفيم جي هڪ تازي رپورٽ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ??ني?? ۾ ارب پتين پنهنجي آمدني ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٻئي طرف اٽڪل 5 بلين ??ام ماڻهن جي آمدني ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. صدر چيو ته جينوم جي ترتيب سائنسي ??ني?? ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي جنهن جو آغاز 14 کان 15 ملين ڊالر جي عزم سان ڪيو ويو، ??ني?? تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي ڇو ته ٽيڪنالاجي وڌيڪ جامد نه رهندي. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ اربين ??نسانن جي ڊيٽا کي انهن جي صحت جي حوالي سان سنڀالي سگهي ٿي جنهن زراعت جي شعبي ۾ زبردست امڪانن کي پڻ جنم ڏنو. صدر نيدرلينڊ جي زرعي ترقي جو حوالو ڏنو، جيڪو هڪ ننڍو ملڪ هجڻ جي باوجود ??ني?? ۾ زرعي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جديد سائنسي رخن تي ڪم ڪري ??ني?? ۾ غذائيت فراهم ڪندڙ پهرين ??ف جو ملڪ بڻجي سگهي ٿو. مهانگي بجلي جي پيداوار جو حوالو ڏيندي هن چيو ته شمسي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر ان ڳالهه تي به اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سميت ??ني?? ڪاربن جي اخراج باب?? شعور اجاگر ڪيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا به قومن جي وچ ۾ وسيع تعاون جي ضرورت آهي. صدر ميمبر ملڪن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڪامسيٽس جي ڪردار کي ساراهيو. صدر ان موقعي تي ڪامسيٽس جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان تقريب جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڪامسيٽس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻي سفير نفيس ذڪريا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ??ني?? ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي جي بنياد ۽ عالمي چئلينجز جي حل لاءِ اهم حيثيت رکندڙ آهي. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ان جي استعمال، مصنوعي ذهانت، جينومڪ سيڪوينسنگ، قابل تجديد توانائي، اليڪٽرڪ گاڏين، زراعت، صنعتي بائيو ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي بابت ڪامسيٽس جي نئين قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو. انٽرنيشنل سينٽر فار ڪلائميٽ اينڊ انوائرنمينٽ سائنسز چين ??ي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر لين ??ائو هوئي ان موقعي تي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ ڪامسيٽس جي عزم ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ??ني?? جي لاءِ ايندڙ خطرن مان هڪ طور اجاگر ڪيو ۽ ان حوالي سان پائيدار حل ۽ ماحولياتي ذميواري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪامسيٽس جي ڪوششن کي ساراهيو. واضح رهي ته ڪامسيٽس 27 ميمبر ملڪن جي هڪ بين ??لحڪومتي تنظيم آهي، ان جو سيڪريٽريٽ پاڪستان حڪومت جي اهتمام هيٺ 1994ع کان اسلام آباد ۾ قائم آهي، ڪامسيٽس جي تخليق جي پٺيان نوبل انعام يافته ۽ عالمي شهرت يافته سائنسدان پروفيسر عبدالسلام جي سوچ هئي.