اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪ??و، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.