اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معام??ي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون ت??ويزون ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.