اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي ??دبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي ??مضان مهيني ۾ حفاظتي ??دبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.