اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي ??نا??ب سان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙ?? ڪيو ويو آهي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪر?? ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ??يا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪر?? سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مرڪز جو دور?? ڪيو، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ امدادي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي