اسلام آب??د ?? 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿار??ي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم ??اج??ه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪ??بل آپريشنلائيز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ??ي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.