اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي لبناني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا ??ري?? آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخ??ين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏکو??ل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي.