وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ پاڪستان پاران امدادي شين جي پهرين کيپ پاڪستان ايئر فورس جي خصوصي جهاز ذريعي افغانستان پهچائي وئي

image

اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پاڪستان پاران امدادي شين جي پهرين کيپ پاڪستان ايئر فورس جي خصوصي جهاز ذريعي ڇنڇر ڏينهن افغانستان پهچائي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب امدادي شين ۾ 100 تنبو، 2 ٽن اٽو، 1 ٽن چانور، 450 ڪلو کنڊ شامل آهي، امدادي شين جي ٻي کيپ 9 مئي تي رواني ٿيندي. وزيراعظم چيو آهي ته افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ پاڪستان هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں