وزيراعظم پاران اٽلي واقعي تي پرڏيهي آفيس کي قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اٽلي ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ پاڪستانين جي ٻڏي وڃڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي پرڏيهي آفيس کي هدايت ڪئي آهي ته جلد حقيقتن کان قوم کي آگاهه ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اٽلي ۾ ٻيڙي جي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ پاڪستانين جي ٻڏي وڃڻ جون خبرون انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳيون آهن. وزيراعظم پرڏيهي آفيس کي جلد کان جلد حقيقتون ڄاڻڻ ۽ قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں