وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي شديد مذمت، عملدارن کان رپورٽ طلب

image

اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي دهشتگرد حملي جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم دهشتگرد حملي جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتيو. هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. وزيراعظم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں