وزيراعظم پاران آءِ ٽي جي شعبي ۾ فڪسڊ ٽيڪس رجيم آڻڻ جو فيصلو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي لاءِ وڏي پئڪيج جي تياري جي هدايت

image

اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي ۾ فڪسڊ ٽيڪس رجيم آڻڻ جو فيصلو ڪندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي لاءِ وڏي پئڪيج جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ فڪسڊ ٽيڪس رجيم آڻڻ جو وڏو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم فڪس ٽيڪس رجيم جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اجلاس ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي خصوصي مراعتون ڏيڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جي ذريعي ڪاروبار ۽ واپار جي فروغ تي خصوصي رعايت ڏيڻ، نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هنرمند بڻائڻ جي پروگرام ۾ توسيع جي خصوصي پروگرام جي پڻ منظوري ڏني وئي. وزيراعظم خصوصي ٽريننگ، آءِ ٽي زونز ٺاهڻ جي فيصلي جي پڻ منظوري ڏني. وزيراعظم ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آءِ ٽي بابت سفارشن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، آءِ ٽي جي شعبي لاءِ بجيٽ سفارشن جي منظوري سان لکن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ نيون ڪمپنيون ٺاهڻ جي لاءِ خصوصي رهنمائي ۽ سرڪاري مدد فراهم ڪرڻ جي قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ آءِ ٽي سيڪٽرز جا روڊ شوز منعقد ڪرڻ ۽ ان شعبي ۾ سهولتن بابت آگاهه ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هنرمند بڻائڻ جي پروگرام ۾ وڏي توسيع جي خصوصي پروگرام جي پڻ منظوري ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ نوجوانن جي آءِ ٽي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت تي وڏي رقم خرچ ڪندي، هن وقت ملڪ ۾ 45 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي هنر جي تربيت ڏني پئي وڃي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ هڪ لک نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان جي گذريل حڪومت جي دور ۾ اسان نوجوانن کي ليپ ٽاپس ڏنا جنهن جي ڪري ڪورونا وبا دوران نوجوان ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو کڻي آيا. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تحت آءِ ٽي ڪمپنين کي ٽيڪس مراعتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي ايندڙ سال پنهنجي روانگي واپار کي 4.5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو ۽ آءِ ٽي شعبي جي آمدني جو 35 سيڪڙو پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رکڻ جي سهولت ۾ ٽن سالن جي توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم آءِ ٽي وزارت ۽ لاڳاپيل عملدارن کي شعبي سان گڏجي بجيٽ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ڪئي ته ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ مقامي سطح تي فائبر ڪيبل جي تياري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. اجلاس کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي ترقي ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت بجيٽ ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي جن جي ڪري موجوده آءِ ٽي روانگي واپار کي 100 سيڪڙو وڌائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ملڪ ۾ 45 هزار جي لڳ ڀڳ نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي جيڪي تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نه رڳو روزگار جي حوالي سان پاڻڀرا ٿيندا پر وڌيڪ روزگار پيدا ڪرڻ جو ذريعو به بڻجندا. وزيراعظم آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاءِ بجيٽ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد امين الحق، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، طارق پاشا، شزا فاطمه خواجه، سينيٽر افنان الله، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ آءِ ٽي جي شعبي مان ناليوارن ماهرن بشمول آصف پير، زوهيب خان، نصير اختر ۽ ٽيلي ڪام شعبي مان حاتم باماترف سي اي او پي ٽي سي ايل، مدسر حيسن وائيس پريزيڊنٽ جاز، اوت ڪمال احمد سي اي او ٽيلي نار پڻ شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں