وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ٿورائتي آهيان: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ٿورائتي آهيان. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو اعلان ڪندي مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپيا ان مقصد جي لاءِ رکيا ويا آهن. آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيان ٿي ته ان اهم قدم جي لاءِ انهن رقم فراهم ڪئي. هن چيو ته بطور اطلاعات واري وزير اهو منهنجي اولين مقصدن مان هڪ هو ته ورڪنگ جرنلسٽس ;E خاص طور تي مشڪل گهڙيءَ ۾ اها سهولت ميسر آئي.

مضمون کا ماخذ : فنکی پھل