معيشت جي بحالي کان پوءِ معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻ ۽ پاڪستان کي هاڻي معاشي قوت بڻائڻو اهي، ترقياتي ڪمن مان ملڪ ۾ معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو: اسحاق ڊار جو پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب

image

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته مشڪل فيصلن ذريعي معيشت جي گراوٽ جو عمل رڪجي چڪو آهي، معيشت جي بحالي کان پوءِ هاڻي معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻائڻو آهي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، معاشي ترقي ۽ بجيٽ جا سمورا هدف قابل حصول ۽ عملي آهن، وفاق ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام تي حقيقي معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو جي اوسر جو هدف آساني سان حاصل ڪري وٺنداسين، اسان جا بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي، پگهارن ۾ واڌ بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي صورت ۾ ڏنو ويندو، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي، تازي ۽ پراسيسيڊ کير تي ڪو به سيلز ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان جي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ناهي، ايئرپورٽن جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدم جاري آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان واڪ ٿي وڃي، پاڪستان ڏيواليو نه ٿيندو، بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، هر سال هڪ هزار ارب رپين جي سبسڊي جو متحمل نٿا ٿي سگهون. اهڙو اظهار هن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، ناڻي وارو سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ عام طور ايف بي آر 2 ڪميٽيون جوڙي ٿي، ان مان هڪ واپاري ۽ هڪ فني ڪاميٽي شامل هوندي آهي. ايف بي آر جو چيئرمين اڄ ان جي منظوري وٺندو ۽ هي ڪميٽيون بجيٽ جي منظوري تائين ڪم ڪنديون، جيڪي به جائز مسئلا هوندا ڪميٽيون ان حوالي سان سفارشون جوڙي حڪومت کي ڏينديون، جيڪي فنانس م شامل هونديون. اهڙي طرح سينيٽ جون سفارشون به شامل ڪيون وينديون، ماضي ۾ بجيٽ جي حوالي سان سينيٽ جي سفارشن کي رد ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اسان ان کي سنجيده وٺي رهيا آهيون ۽ حقيقت پسنداڻين ۽ قابل عمل تجويزن کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن سال معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي. مجموعي محصول 12163 ارب رپيا آهن، جن مان 9200 ارب رپيا ايف بي آر ۽ 2963 ارب رپيا نان ٽيڪس روينيو جي مد م حاصل ٿيندا، فيڊرل روينيو جو مجموعي ڳاڻيٽو 14463 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 7301 ارب رپيا مارڪ اپ شامل آهي. بچاءَ لاءِ 1804 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پينشن جي مد ۾ 761 ارب رپيا ۽ جاري خرچن ۾ 714 ارب رپيا شامل آهن. وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو 7573 ارب رپيا هوندو، خسارو 9 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو جي شرح تي اچي ويو آهي. پرائمري بئلنس 380 ملين ڊالر آهي جيڪو جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو بڻجي ٿو. مجموعي جي ڊي پي 105 ٽريلين رپيا هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو هلندو ته ترقي ٿيندي، اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ مختص آهي. سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن. زرعي طور پاڻڀرا ٿيڻ لاءِ 45 ارب رپين جا منصوبا آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب رپين جي ويجهو هوندو. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي صحيح عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو شرح اوسر جو هدف حاصل ڪندا. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2024ع لا3 پاڪستان جي اوسر واري شرح جو هدف 2 سيڪڙو لڳايو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ساڍا 3 سيڪڙو، بلومبرگ 4 سيڪڙو، اورفيج 4 سيڪڙو اوسر واري شرح جو اندازو لڳايو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي شرح 21 سيڪڙو متوقع آهي. جي ڊي پي جي تناسب سان محصولن جي شرح 8.7 سيڪڙو، خساري جي شرح 6.5 سيڪڙو ۽ پرائمري بئلنس 0.4 سيڪڙو آهي. جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح 66.5 سيڪڙو آهي. اڳوڻي حڪومت 25 ٽريلين قرضن کي 49 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو هو. ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي اوسر هوندي ته روزگار جا موقعا وڌندا، اسان جو بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي، انهي مقصد لاءِ اسان زراعت تي خاص توجهه ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته پوري دنيا ۾ زراعت اهو واحد شعبو آهي جتي تيزي سان ريٽرن ملي ٿو. الحمدلله معيشت ۾ گراوٽ جو عمل رڪجي چڪو آهي، هاڻي معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي هاڻي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائڻي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي اهم شعبو آهي ان شعبي جي ترقي لاءِ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ م اهم قدم کنيا ويا آهن. 3 سالن لاءِ ٽيڪسن ۾ رعائت ڏني پئي وڃي. نوان اسٽاڪ اپس کي 24 هزار ڊالر ساليانو ٽرن اوور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح 50 هزار ڊالر روانگي واپار جي صورت ۾ هڪ سيڪڙو شرح سان ڊيوٽي فري جي سهولت ڏني پئي وڃي. آءِ ٽي جي حوالي سان خصوصي اقتصادي زونز کي به ترقي ڏني پئي وڃي ۽ ان راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت 2000 ارب کان وڌيڪ هاري پئڪيج ڏنو هو، جنهن جا بهترين نتيجا سامهون آيا، ڪڻڪ جي وافر فصل حاصل ٿي، ٻين فصلن جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيو. هاري پئڪيج ۾ هن وقت تائين 1750 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. نئين مالي سال ۾ ان مقصد لاءِ 2250 ارب رپيا فنڊ رکيا ويا آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اها رقم تقسيم ٿئي، 50 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري رهيا آهيون، ان مقصد لاءِ بجيٽ ۾ 30 ارب رپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. وڌيڪ پيداوار لاءِ ٻجن کي به بهتر بڻائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي. في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ ڪري اسان نه رڳو روانگي واپار وڌائي سگهونٿا، بلڪه ملڪ ۾ زرعي انقلاب به اچي سگهي ٿو. ٻجن تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز کي ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح زرعي اوزارن تي به ٽئڪس ۽ ڊيوٽين ۾ رعائت ڏني وئي آهي. زرعي بنيادن تي قائم ايس ايم ايز کي رعائتي قرض ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي هڪ اسڪيم جو جائزو ورتو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ زراعت تي ٻڌل صنعتن کي ٽئڪس ۾ رعائت ڏني ويندي. يوٿ هاري پئڪيج تحت 10 ملين تائين قرض ڏنا ويندا. ڀاڻ جي قيمتن م گهٽتائي لاءِ به قدم کنياويندا، حڪومت ڀاڻ سازي جي ڪارخانن کي وڌيڪ 3 مهينن يعني 31 آگسٽ تائين گئس جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي سستي قيمتن تي فراهمي آهي. ڀاڻ جي حوالي سان حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 6 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رکي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان جي استعمال جي نوبت نه اچي ۽ اسين وڌيڪ آمدني واپار ڏانهن نه وڃو. ناڻي واري وزير چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار معيشت جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان جو ايس ايم ايز جو شعبو ڪمزور آهي، ان جي حوصلا افزائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ان مقصد لاءِ آسان فنانس اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي. ايس ايم ايز لاءِ ريٽنگ ايجنسي بڻائڻ جي تجويز آهي، ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي مجموعي روانگي پيداوار جي تناسب سان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو سمنڊ پار پاڪستاني موڪلي رهيا آهن. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڪيتريون ئي رعائتون ڏنيون ويون آهن. پلاٽ ۽ جائيداد جي خريداري تي 2 سيڪڙو ٽئڪس ختم ڪيو ويو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊائمنڊ ڪارد متعارف ڪرايو پيو وڃي. 50 هزار ڊالر ساليانو مٽاسٽآ جو ناڻو، بئنڪنگ چينلن مان موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي منع ٿيل بورڊ جو لائيسن ڏيڻ سان ڏوگڏ سفارتخانن ۾ خصوصي رسائي جي سهولت ۽ ملڪ ۾ آمد تي هوائي اڏن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته تعليم حڪومت جو ترجيح وارو شعبو آهي، تعليم لاءِ 5 ملين رپين جو انڊومينٽ فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت جولاءِ ۾ پهرين ڪنسائنمينٽ اچي رهي آهي، ايندڙ سال هڪ لک شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تعميراتي صنعتن به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. توانائي جي شعبي ۾ بهتري آندي پئي وڃي، سولر پينل انويٽر ۽ شعبي جي خام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 450 ارب رپين تائين وڌائي وئي آهي. اٽي، گيهه، دالين، چانورن تي ٽارگيٽڊ معاوضي جو سلسلو جاري رهندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اسڪور کي 32 مان وڌائي 40 پوائنٽن تائين آڻڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي حوالي سان تفصيلي بحث ٿيو، مهانگائي سبب سرڪاري ملازمن کي مسئلا سامهون هئا، حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن م 30 سيڪڙو ۽ پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هي اضافو بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي صورت ۾ هوندو. گهٽ م گهٽ پينشن جي سطح 10 هزار رپين مان وڌائي 12 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت مختلف الائونسن ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي. صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي تجويز هئي جنهن جي ڪابينه منظوري به ڏني آهي، اميد آهي ته هي هڪ ڪامياب اسڪيم ٿيندي. هن چيو ته بيواهن جي هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي10 لک رپين تائين جا قرض حڪومت ادا ڪندي، اسٽيٽ بئنڪ کان انگ اکر به گهرايا ويا آهن. ماضيءَ ۾ به محمد نواز شريف جي حڪومت بيواهن جي قرضن جي حوالي سان اسڪيم متعارف ڪرائي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جڏهن پشاور ويو هو ته اتان جا ماڻهو ان سان ملي مطالبو ڪيو هو ته اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽيڪس جي ڇوت جي مد ۾ واڌ ڪئي وڃي. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا کي 2023ع تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني هئي. حڪومت ضم ٿيل ضلعن اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽئڪس ڇوٽ جي مد ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته تازه يا پراسيسڊ کير تي 10 سيڪڙو سليز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي ۽ نه ئي ڪا واڌ ٿي آهي. هن چيو ته پروسيسڊ کير تي سيلز ٽيڪس جي تجويز هئي پر ان جي منظوري نه ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر هئي ته جيڪڏهن پراسيسڊ کير تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي ته سڄي ملڪ ۾ تازي کير جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪندا. ناڻي واري وزير چيو ته 2963 ارب رپين جو نان ٽيڪس روينيو حاصل ڪرڻ جوڳو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ 1113 ارب رپيا اسٽيٽ بئنڪ جو منافعو آهي، اسان جو هي هدف حقيقت پسنداڻو آهي، اهڙي طرح پيٽروليم ڊولپمينٽ جي مد ۾ به 869 ارب رپيا حاصل ٿيندا. گذريل سال پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي کي لاڳو ڪيو ويو هو، سڄي سال م ان جي وصولي نه ٿي هئي. هن چيو ته انٽرسٽ ڊيونڊنڊ کان پڻ 260 ارب رپيا حاصل ٿيندا. مجموعي ٽيڪس محصولن جو هدف 9200 ارب رپيا آهي. هي هدف اوسر ۽ ناڻي واڌ کي سامهون رکي ترتيب ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽئڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي. جيڪو 200 ارب رپين جي اضافي ٽئڪس جو اندازو آهي اهو معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي عمل سان حاصل ٿيندو، ان ۾ ڪو به نئون ٽئڪس ناهي، نان فائيلر کي 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍائڻ تي 0.06 سيڪڙو جي سطح تي ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ واڌ جو ارادو ناهي، ريسٽورينٽس ۾ ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي استعمال تي سيلز ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي ناني تلافي جو ڳاڻيٽو 1074 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ 900 ارب رپيا بجلي جي شعبي لاءِ آهن. بجلي جي شعبي ۾ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. گذريل سال آءِ ايم ايف ۽ اسان وچ ۾ هي هڪ اهم معاملو هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي گرانٽ ڏني ويندي، هي گرانٽ هر سال ناڻي واڌ جي شرح سان ڏني ويندي آهي. هن سال آزاد ڄمون ڪشمير جو حصو وڌيڪ هوندو، جنهن جو بنيادي سبب منگلا ڊيم جي پاڻي تي رائلٽي آهي، آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت سان اسان جو اتفاق راءِ ٿيو آهي، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ معياري قيمت تي بجلي فراهم ڪئي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ کاڄرو تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان ملڪ ۾ شريعه ڪمپلائنٽ شين کي هٿي ڏيڻ لاءِ دستياب هوندي، اسلامي مالياتي نظام جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايڊهاڪ رليف الائونس ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي، جڏهن گنجائش هوندي آهي ته ان کي ضم ڪيو ويندو آهي. اسان پنهنجي گذريل دور ۾ 3 کان 4 ايڊهاڪ رليف بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيا هئا ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت جي حوالي سان نجي شعبي ۾ جتي ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي ان جي نشاندهي ڪئي وڃي. ميڊيا مالڪن کي به چئون ٿا ته هو پهرين پاڻ عمل ڪن پوءِ ٻين جي نشاندهي ڪن. سول سوسائٽي به گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي ادائگي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، حڪومت کي شڪايتون موڪليون وڃن، سيڪيورٽي گارڊ کي گهٽ کان گهٽ اجرت تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ذريعي ان جو جائزو ورتو ويندو. آءِ ايم ايف وٽ پلان بي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پلان بي هر وقت پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ موجود هوندو آهي، پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، گذريل حڪومت جي مڪروه غلطين سبب اسان هتي بيٺل آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن. وزيراعظم سميت حڪومت ان تي پوري ريت توجهه ڏئي رهي آهي، هر سال هڪ هزار ارب رپيا سبسڊي نٿا ڏئي سگهون. بقايائن جي وصولي جي حوالي سان آئيسڪو ۽ فيسڪو بهترين آهن، ڊسڪوز جي نجڪاري جي حوالي سان غور ڪيو پيو وڃي. هن وقت ايئرپورٽن جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم هلي رهيو آهي، دنيا ۾ اهو طريقو لاڳو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سورسنگ تي هلي رهي آهي. ان سان سهولتن ۾ بهتري نظر ايندي، اسان آءِ ايم ايف جون خدمتون ورتيون آهن، 12 ملڪن جون ڪمپنيون خواهشمند آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ ۾ پهريون ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ ڪرڻ جي بڊنگ ڪري، ٻيهر اقتدار مليو ته ڪوشش ڪنداسين ته پهرين ٻن سالن ۾ ان تي عمل ڪيون. پيٽرول تي سبسڊي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت 800 سي سي کان وڏين گاڏين تي 50 رپيا في ليٽر وڌيڪ چارج ڪرڻ ۽ 50 رپيا 800 سي سي کان گهٽ گاڏين يا موٽر سائيڪلن کي سبسڊي ڏيڻ تي ڪم ڪيو. فني طور ان جو هن بجيٽ سان ڪو به تعلق ناهي. جڏهن ته اسان ان تي به حتمي فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو سنئون فائدو ته صارف کي پهچي رهيو آهي پر ان سان ڪرائين جي قيمتن ۽ ٻيا فائدا عوام تائين نه پهچي رهيا آهن. ان حوالي سان صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان جو فائدو عوام تائين پهچائين. سنڌ جي وڏي وزير سميت 2 صوبن ان تي فوري ڪارروائي ڪئي. هڪ ڀيرو ٻيهر کين هدايت ڪندس ته ان جا فائدا عوام تائين پهچائين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت روانگي واپار جي حاصلات لاءِ ڪوشان آهي، مشڪل ترين حالتن باوجود حڪومت قومي وقار تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ پرڏيهي ادائگيون بروقت ڪيون، روانگي واپار اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحت ۽ تعليم 18هين ترميم تحت صوبائي موضوع آهن. 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني تحت صوبن کي 20 سيڪڙو وڌيڪ حصو ان لاءِ ڏنو پيو وڃي جو هو انهن شعبن تي خاص توجهه ڏين. ڪافي صوبا ان تي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ هي نقطو بنيادي هوندو آهي. هن چيو ته آبادي ۾ واڌ خطرناڪ آهي، اسان کي پنهنجي مذهبي حدن ۾ رهي ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو،3.6 سيڪڙو جي حساب سان آبادي ۾ واڌ اوهان جي ترقياتي عمل کي کائي ويندو، هي معاملو سي سي آءِ جي ايجنڊا تي پڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتصالات سان پي ٽي سي ايل جي ملڪيتن جي حوالگي ۽ بقايائن جي حاصلات لاءِ ڳالهيون جاري آهن. هن وقت 30 جي ويجهو ملڪيتون پي ٽي سي ايل جي حوالي ڪرڻ باقي آهن، جنهن سان هڪ وڏي پراپرٽي تي ملازم ويٺا آهن. اتصالات معاهدي تحت چيو آهي، ته هو هي پراپرٽيز نه وٺندو. اتصالات سان معاهدي ۾ پاڪستان ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. باقي رهيل پراپرٽي کي عالمي ويليو 776 ملين ڊالر لڳائي آهي. 800 ملين ڊالرن جون بقايائون آهن جيتوڻيڪ ان سان ڳالهين ذريعي 263 ملين ڊالر بقايائون ان جي بورڊ جي منطوري ڏني آهي.، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کي وڌيڪ وڌايون. هي هڪ غيرذميواراڻا معاهدو هو پر اسان ان تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هي معاملو حل ٿيڻ گهرجي. پي بي سي جي پينشرن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي هڪ ڪمرشل ادارو آهي ۽ هي پنهنجا وسيلا پيدا ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ فنڊ رکيا آهن، حڪومت جي هڪ سال جي توسيع جي ڪا نيت ناهي. جيڪڏهن اتحادي جماعتن جي سربراهن ان حوالي سان بيان ڏنا آهن ته آئين ۾ ان جي گنجائش موجود آهي. ان حوالي سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته پئرس ڪلب تحت حاصل قرضن جي ادائگي وقت سر ڪنداسين. سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن تصديق ڪئي آهي ته انهن جا 3 ارب ڊالر ملي ويندا. آءِ ايم ايف 90 ريويو جي حوالي سان پراميد آهي ته هي ريويو ٿي ويندو، جڏهن ته اسان وٽ متبادل به آهي. اسان ان لاءِ ڏکيا سڌارا ڪيا، عوام تي بار وڌو. هن چيو ته ملڪي قرضن جي ري شيڊولنگ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں