پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله گذريل سالن ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جي توهين عدالت تي 5 سال نااهلي جي سزا ختم ٿيڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي انهن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن انهن مصيبتن جي باوجود مسلم ليگ (ن) ۽ قائد ميان محمد نواز شريف جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ ثابت قدم رهيا.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں