صدر پاران بليلي ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت

image

اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي اثاثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں