صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، امجد علي ٻوهيو، محمد عبدالرحمان، خادم حسين سومرو، ارباب علي هڪڙو، جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ سال جي لاءِ ايڊيشنل جج مقرر

image

اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر امجد علي ٻوهيو، محمد عبدالرحمان ۽ خادم حسين سومرو جي هڪ سال لاءِ بطور ايڊيشنل جج سنڌ هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري ڏني آهي. صدر ارباب علي هڪڙو، جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس کي پڻ هڪ سال جي لاءِ ايڊيشنل جج سنڌ هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو آهي. صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.

مضمون کا ماخذ : apostas quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں