دعا آهي ته هي عيد امن، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جو نويد ثابت ٿئي: وزيراعظم شبهاز شريف

image

اسلام آباد- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد الفطر 1444هه جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي مبارڪباد واري ٽوئيٽ ۾ چيو ته عيد جي هن پُرمسرت موقعي تي پنهنجي پيارن سان خوشيون ورهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي چوڌاري معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن کي نه وساريو، دعا آهي ته هي عيد پاڪستان ۽ عالم اسلام لاءِ امن، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جو نويد ثابت ٿئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں