صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

image

اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار، صبر جميل ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں