پاڪستان چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) معاهدي کي 10 سال مڪمل، چين طرفان شروعاتي سيڙپڪاري 46 ارب ڊالر هاڻي 62 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي

image

پشاور -08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چين اقتصادي راهداري سي پيڪ معاهدي کي 10 سال مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان عرصي دوران چين طرفان شروعاتي سيڙپڪاري 46 ارب ڊالر هاڻي 62 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي آهي. جاري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق سي پيڪ مان پيدا ٿيندڙ معاشي ترقي ۽ تبديلي جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي 10 سالن واري شراڪتداري جو جشن ملهائي رهيا آهن. پاڪستان ۾ سي پيڪ جي 10 سالن جي ثمرن جي رپورٽ مطابق سي پيڪ تحت مالي سال 2015ع ۽ مالي سال 2030ع وچ ۾ سيڙپڪاري جي منصوبندي 62 ارب ڊالرآهي، جنهن ۾ 27.4 ارب ڊالرن جا منصوبا اڳ ئي مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ انهن منصوبن 2 لک نوڪريون پيدا ڪيون ۽ اهم هاءِ وي ۽ ٽرانسميشن لائين جي ٺڪاڻن سان گڏوگڏ 6000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي. واضح رهي ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ تحت شروع ڪيل هڪ منصوبو آهي، ۽ تقريبن هڪ ڏهاڪي کان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏئي رهيو آهي. چين جي شروعاتي سيڙپڪاري 46 ارب ڊالر هئي جيڪا بعد ۾ 62 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي ۽ هي دوستي ۽ سهڪار جو هڪ اهڙي وقت ۾ اهم اشارو هو جڏهن ڪو به ٻيو ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. 2013ع ۾ تاريخي سي پيڪ پروگرام جي شروعات ٿي. رپورٽ مطابق 2023ع سي پيڪ جو هڪ ڏهاڪو آهي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جو مقصد صنعتي سهڪار ۽ ڪاروبار سان ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. پشاور جي نجي هوٽل ۾ منعقد عالمي سيمينار ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي سي پيڪ بابت اهم معلوماتي آگاهي سيمينار جي منعقد ڪرڻ تي امجد عزيز ملڪ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته چين اسان دوست ملڪ آهي جنهن تي سڀئي متفق آهيون، اسان کي ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۽ چين جي تاريخ تي به نظر وجهڻ گهرجي، هڪ وقت ۾ اسان جي سوچ، ويزن تمام گهڻو مضبوط هئا. هن چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان ڇو ترقي ۾ پٺتي رهجي ويا آهيون، پاڪستاني جي حيثيت ۾ سان جي ملڪ جي ترقي، خوشحالي لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌڻو پوندو. سڀني سياسي پارٽين کي ملڪي اقتصادي بهتري لاءِ هڪ سوچ اپنائڻ گهرجي. سيمينار ۾ تقريرون ڪندڙن سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. واضح رهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي شروع ٿئي 10 سال مڪمل ٿي ويا آهن جنهن جي خوشي ۾ ملڪ جي ٻين حصن وانگر پشاور ۾ چائنه ونڊو ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ٻين جي گڏيل سهڪار سان ڊيڪيڊ آف سي پيڪ اينڊ بي آر آءِ جي عنوان سان عالمي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي حاجي غلام علي چيو ته سڄي ملڪ جي بزنس ڪميونٽي کي سي پيڪ ان فائدو کڻڻ لاءِ واپاري ترقي جي منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي. ملڪي انڊسٽري ڪجهه پاليسيون، انرجي بحران ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال نه هئڻ سبب ڏکيائين جو شڪار آهي، ملڪ ۾ پورهيت، دلير نوجوان اهن جن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻو آهي، سي پيڪ جي سڀني منصوبن جو تحفظ اسان کي يقيني بڻائنو آهي، پاڪستاني قوم جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي. سيمينار کي خطاب ڪندي خيبر پختون خوا جي اوقاف ۽ اطلاعات واري نگران وزير بئريسٽر فيروز جمال شاه ڪاڪا خيل جو چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي لازول آهي، سي پيڪ جي پهرين جهلڪ سلڪ روٽ ۾ نظر آئي هئي، اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪي پي ڪي ۾ 6 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن. بئريسٽر فيروز جمال ڪاڪا خيل جو چوڻ هو ته سي پيڪ مان ڪي پي ڪي جي نوجوانن کي روزگار ملي رهيو آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ سي پيڪ جا ڪيترائي منصوبا دير جو شڪار ٿيا، سي پيڪ منصوبن ۾ دير ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومي ترقي جا منصوبا سياسي معاملن سبب متاثر ٿيڻ نه گهرجن، ٻارن کي اسڪل کان يونيورسٽي تائين بهترين ماحول فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ کان 10 سال اڳ اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڪا به پاليسي موجود نه هئي، هن ملڪ کي مخلصي سان اڳيان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان جي تهذيب ۽ روايتن کي تباهه ڪيو ويو، پنهنجي نوجوان نسل کي بهترين تربيت ڏيڻي پوندي. واضح رهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ وسيع معنيٰ ۾ بي آر آءِ (ون بيلٽ اينڊ روٽ انيشيٽو) سڄي دنيا جي انسانن جي فائدي عجو منصوبو آهي جيتوڻيڪ ان باوجود استعماري قوتون جن سدائين دنيا کي جنگن جي عذاب م مبتلا رکيو هن منصوبي ۾ نظر اچن ٿيون جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن کي انتهائي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن عنصرن جي سڀني چالن کي ناڪام ڪري سگهجي. هڪ تاريخي حقيقت آهي ته چين موجوده معاشي ۽ اقتصادي بحرانن سميت هر ڏکئي دور ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اهو ئي سبب ته هميشه دنيا ۾ پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي جا مثال ڏنا ويندا آهن جنهن جو بنيادي سبب هي آهي ته چين ۽ پاڪستان ملڪي خطي جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪندا آهن ۽ مستقبل ۾ به ٻنهي جي اها مثالي دوستي هماليه جبل وانگر قائم ۽ دائم رهندي. چين جي پاڪستان جي ترقي م اهم ڪردار آهي جنهن ۾ ذڪر جوڳو چائنه ونڊو پشاور آهي، پشاور ۾ چائنه ونڊو جي نالي سان هڪ اهڙو مرڪز قائم ڪيو ويو آهي جتي ڪير به وڃي چين جي تهذيب، ثقافت، ترقي ۽ ٻين حوالن بابت تصويرن ذريعي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. انهي ونڊو ۾ ڇهه گئلريون ٺاهيون ويون آهن . پهرين گئلري ۾ چين جي مشهور شهرن ۽ سياحت لاءِ مشهور هنڌن جون تصويرون ۽ ان حوالي سان معلومات موجود آهي. اهڙي ريت ٻي گئلري ۾ اهو تصويرون لڳايون ويون آهن جن مان اهو پتو پوي ٿو ته چين جيڪو تقريبن پاڪستان سان گڏ آزاد ٿيو هو، ان ترقي جون منزون ڪهڙي ريت طي ڪيون آهن. ان گئلري ۾ چين جي ٽرين ۽ هوائي نظام سميت وڏن وڏون منصوبن جون تصويرون لڳل آهن. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جيڪا 1951ع ۾ شروع ٿي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم پهريون ڀيرو اتان جو دورو به ڪيو، ان حوالي سان به ان گئلري ۾ تصويرون موجود آهن. چين ۽ پاڪستان جي حوالي سان لکيل ڪتاب جن ۾ اٽڪل 400 ڪتاب موجود آهن. ان گئلري جو مقصد آهي ته ٻار ۽ وڏا هتي مطالعي لاءِ اچن ۽ چين ۽ پاڪستان جي حوالي سان ڪتاب پڙهڻ چاهين ته هو هتي پڙهي سگهن. 400 مختلف ڪتاب اسان مختلف يونيورسٽين کي به عطيو ڪيا آهن. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي حوالي سان جاري منصوبن جي حوالي سان به تصويرون موجود آهن جڏهن ته چين جي 23 صوبن مان ڪجهه جون تصويرون به لڳايون ويون آهن ۽ پاڪستان چين دوستي ديوار به موجود آهي جتي وزيٽر اچي صحيحيون ڪندا آهن. چائنه ونڊو ۾ چيني ٻولي سيکارڻ لاءِ ڪلاسن جو بندوبست به آهي جتي جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪلاس هلندا آهن ۽ چين جي ٻولي سکڻ جا شوقين ماڻهو اچي 45 ڏينهن تي ٻڌل چين جي ٻولي جو ڪورس ڪندا آهن. ان ڪورس ۾ 45 شاگردن کي هڪ بيچ ۾ مفت داخل ڏني ويندي آهي ۽ صرف انهن کان واپسي جوڳي سيڪيورٽي فيس ورتي ويندي آهي. هي چين جي زبان جو هڪ بنيادي ڪورس آهي جنهن ۾ روزاني معاملن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ چين جي ٻولي ۾ سيکاريا ويندا آهن. هن وقت تائين زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هي ڪورس مڪمل ڪيو آهي جنهن ۾ صحافي، ڪاروباري طبقي جا ماڻهو ۽ سرڪاري آفيسر به شامل آهن.

مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں