ماسڪو -29 جولاءِ (اي پي پي) روسي صدر ??لاديمير پيوٽن آڪٽوبر ۾ برڪس سربراهي اجلاس ۾ نئين ايراني صدر ??سعود پيزشڪيان سان ملاقات لاءِ تيار آهي. تاس موجب ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف، ازويسٽيا کي ٻڌايو ته روسي صدر آڪٽوبر ۾ ڪازان ۾ برڪس سربراهي اجلاس ۾ ايران جي نئي چونڊيل صدر ??سعود پيزشڪيان سان ملاقات جي تياري ڪري رهيو آهي. روسي عهديدار چيو ته اهو ايراني صدر کي دعوت نامو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته نئون صدر سربراهي اجلاس ۾ ايندو.