لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ??يندي سمورين اداراجاتي هيلپ لائينن جي تشهير ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي، صدر هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي وبا بابت ڊيٽا کي اپ ??يٽ رکيو وڃي. اهي هدايتون هن لاهور ۾ ڪرونا ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل جي دوري دوران ڏنيون.