اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، ??سان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ?? نه باهه وسائڻ ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آهي، ??المي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ??و احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي ا??ن تي ا?? جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي ا??لين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، ??نهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.