اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته 40 سالن کان افغان عوام مسئلن جو شڪار آهي، 40 سالن کان پاڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دروازا کليا رک??ا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جي باوجود افغان پناهگيرن لاءِ سدائين مثبت ??ردار ادا ڪيو، افغان مسئلي جو سمورو حل افغان قيادت جي مشاورت ۾ ئي لڪل آهي، افغانستان ۾ امن جي ذريعي لکين انس??نن جون زندگيون تبديل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي به مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو.