اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثر??ن جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنج?? ٽوئيٽس ۾ ??ن چيو ته مون پي ??ءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. ??ن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪي پ??دا??ش کان اڳ ئي يتيم ٿي چڪا آهن.